پشاور (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي صدر ۽ آمر پرويز مشرف جي سنگين غداري ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندڙ جج ۽ پشاور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جسٽس وقار احمد سيٺ جو چوڻ آهي ته هو ٽي وي تي صرف ريسلنگ ڏسندو آهي. جسٽس وقار احمد سيٺ پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ ويڊيو لنڪ ذريعي مردان ۽ ڪوهاٽ جي ڪيسن جي ٻڌڻي ڪئي. ان موقعي تي جسٽس وقار احمد سيـ جو چوڻ هو ته ڪوهاٽ ۽ مردان جي ڪيسن جي ٻڌڻي هاڻي ويڊيو لنڪ تي ئي ٿيندي. ٻڌڻي دوران ايڊووڪيٽ معظم بٽ چيف جسٽس کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته اهڙين حالتن ۾ به توهان جو مطمئن رهڻ وڏي ڳالهه آهي. جسٽس وقار احمد سيٺ معظم بٽ سان ڳالهائيندي چيو ته ڇا ٿيو آهي حالتن کي؟ صبح ته حالتون بلڪل ٺيڪ هيون توهان کي ته ڪجهه به ناهي ڪرڻو؟ چيف جسٽس پشاور هاءِ ڪورٽ ريمارڪس ڏنا ته مان ٽي وي ناهي ڏسندو ٽي وي تي صرف ريسلنگ ڏسندو آهيان. ياد رهي ته خصوصي عدالت 17 ڊسمبر تي پرويز مشرف خلاف سنگين غداري جو جرم ثابت ٿيڻ تي ان کي موت جي سزا ٻڌائي هئي جنهن جو تفصيلي فيصلو 19 ڊسمبر تي جاري ڪيو ويو. 3 رڪني پينل جي تفصيلي فيصلي ۾ جج وقار احمد سيٺ پيراگرام نمبر 66 ۾ لکيو ته قانون نافذ ڪندڙ ادارو مجرم کي گرفتار ڪري موت جي سزا ڏيڻ واري حڪم تي عمل ڪري جيڪڏهن پرويز مشرف فوت ٿي وڃي ته ان جي لاش کي اسلام آباد کڻائي ٽن ڏينهن تائين ڊي چوڪ تي لٽڪايو وڃي. وقار احمد سيٺ جي ان ريمارڪس تي ان کي شديد تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي ۽ گذريل ڏينهن وزيراعظم عمران خان به پرويز مشرف خلاف فيصلي کي غير آئيني، غير قانوني ۽ غير شرعي قرار ڏيندي ان خلاف فوري طور اپيل داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏنو هو.










