ٽي بي ۽ مليريا، پاڪستان لاءِ 282 ملين ڊالر جي گرانٽ منظور

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) گلوبل فنڊ پاڪستان جي ٽي بي ۽ مليريا پروگرام لاءِ 282 ملين ڊآلر گرانٽ جي منطوري ڏئي ڇڏي آهي ان ڏس ۾ صحت واري وفاقي وزير عبدالقادر پٽيل چيو ته گرانٽ جي منظوري گلوبل فنڊ جي ٽيڪنيڪل ريويو ڪميٽي جي منظوري کان پوءِ ڏني وئي آهي جنهن تي ڪامن مئنجمينٽ يونٽ جي ٽيم ۽ صحت وزارت جا آفيسر خاص مبارڪن جا مستحق آهن هن چيو ته ڪامن مئنجمينٽ يونٽ کي اڃا وڌيڪ مضبوط ۽ ان جي صلاحيت کي وڌايو ويندو گرانٽ ٽي بي ۽ مليريا جهڙي بيماري کي ختم ڪرڻ ۾ ڪارگر ثابت ٿيندي. سال 2003 کان هن وقت تائين پهريون ڀيرو پاڪستان جي فنڊنگ درخوست تي گلوبل فنڊ جي پهرين ونڊو ۾ منظور ڪيو ويو صحت واري وزير چيو ته مان گلوبل فنڊ جي ٽيم جو ٿورائتو آهيان جنهن پاڪستان جو ڪيس وڙهيو ۽ عالمي امدادي ادارن جو به ٿورائتو آهيان جن گرانٽ وٺڻ ۾ پاڪستان کي ٽيڪنيڪي مدد فراهم ڪئي عبدالقادر پٽيل چيو ته صحت واري وزارت عوام کي بيمارين کان محفوظ رکڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻي رهي آهي عوام جي خدمت اسان جو مشن آهي صحت جو شعبو بهتر ٿي رهيو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو