ٽي ايل پي جي ڪارڪنن کي 13 آگسٽ تي فيض آباد پهچڻ جو سڏ

ٽي ايل پي جي ڪارڪنن کي 13 آگسٽ تي فيض آباد پهچڻ جو سڏ

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) تحريڪ لبيڪ پاڪستان ڪارڪنن کي 13 آگسٽ تي فيض آباد پهچڻ جي سڏ ڏئي ڇڏي آهي.ٽي ايل پي جي اطلاعات واري سيڪريٽري محمد امجد رضوي جو چوڻ آهي ته هڪ مهينو اڳ اسلام آباد ۾ پريڊ گرائونڊ ۾ جلسي جي اجازت گهري وئي هئي پر اجازت نه ڏني وئي، راڻا ثناءُ الله پي ٽي آءِ کي پريڊ گرائونڊ ۾ جلسي جي اجازت ڏني.هن چيو ته راڻا ثناءُ الله کان پڇڻ چاهي ٿو ته ڇا اسان ڀارت مان آيا آهيون؟ اليڪشن ڪميشن ۾ اسان جي پارٽي رجسٽرڊ آهي، عمران خان کي پريڊ گرائونڊ ۾ جلسو ڪرڻ جي اجازت آهي ته پوءِ اسان کي ڇو نه؟ محمد امجد رضوي چيو ته ڪارڪنن کي 13 آگسٽ تي نظرياتي پاڪستان مارچ ۽ ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ فيض آباد پهچڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي.هن جو چوڻ آهي ته تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي سربراهه علامه سعد رضوي جو خيال پاڪستان ڪانفرنس ۾ ڀرپور استقبال ڪيو ويندو ۽ اسان جي پروگرام ۾ ڪا به تبديلي نه ايندي.

پهنجو تبصرو موڪليو