ٽيڪسي ڊرائيور جي سڏ تي احتجاج،پيٽرول قيمتون واپس وٺڻ جو مطالبو

ٽيڪسي ڊرائيور جي سڏ تي احتجاج،پيٽرول قيمتون واپس وٺڻ جو مطالبو

نئون ڪوٽ (ن سنڌيار) آل پاڪستان ٽيڪسي ڊرائيور يونين جي سڏ تي نئون ڪوٽ جي ٽيڪسي ڊرائيورن تيل جي قيمتن ۾واڌ کي رد ڪندي نئون ڪوٽ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ٽيڪسي يونين سٽي نئون ڪوٽ جي صدر اختيار علي خاصخيلي جنرل سيڪريٽري مصطفي اوٺو اسلم چانڊيو هيمراج ميگھواڙ جمعون سمون نورحسن رند مٿن مالهي ۽ٻين ڊرائيورن هٿن ۾پلي ڪارڊ کڻي واڌو تيل جون قيمتون نامنظور جا نعرا هنيا ان موقعي تي ٽيڪسي ڊرائيورن چيو ته وفاقي حڪومت مسلسل تيل جون قيمتون وڌائي اسان کي بيروزگار ڪري ڇڏيو آهي اسان وٽ ڪرائي دار ٽيڪسي ڪرائي تي ڪرڻ اچي ٿو تيل جي مناسبت سان ان کي ڪرايو ٻڌايون ٿا ته هو هليو وڃي ٿو ڪرايو نه ملڻ ڪري بيروزگار آهيون گهر جو گاڏو به نٿو هلي سگهي روز مره جي شين جا اگهه به چوٽ چڙهي ويا آهن جنهن ڪري ڦاڪا ڪشي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهيون وفاقي حڪومت تيل تي نظرثاني ڪري ٻئي صورت ۾تيل جون قيمتون گهٽ نه ڪيو ويون ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو