ممبئي (شوبزنيوز) اڳوڻي مس يونيورس ۽ ڀارتي اداڪارا سشميتا سين اعتراف ڪيو آهي ته هو ٽي ڀيرا شادي ڪندي ڪندي بچي وئي ۽ کيس ۽ سندس ڌيئرن کي خدا محفوظ رکيو.اداڪارا سشميتا سين هڪ ويب شو ۾ چيو ته سندس هنج ورتل ٻئي ڌيئرون ريني سين ۽ عليسا ڪڏهن به سندس ڪنهن رشتي جي ٽٽڻ جو سبب ناهن بڻيون جڏهن ته انهن جي ڪري هن ڀارت ۾ کوڙ قانون تبديل ڪرايا آهن. سشميتا سين چيو ته هو ٽي ڀيرا شادي ڪندي ڪندي بچي وئي، خدا کيس ۽ سندس ڌيئرن کي محفوظ رکيو. ياد رهي ته اداڪارا ڪجهه وقت اڳ پنهنجي بواءِ فرينڊ رهمن شول سان بريڪ اپ ڪيو آهي.










