دادو (ادل مهيسر ) ٽيوشن سينٽر تي شاگرد سان بدفعلي واري وڊيو وائرل ڪندڙ 2 ڄڻا به گرفتار. پوليس شاگرد سان استاد اصغر ڪورائي جي بدفعلي واري وڊيو رڪارڊ ڪري سوشل ميڊيا تي رکندڙ لعل بخش سولنگي ۽ عبدالستار سولنگي کي گرفتار ڪيو، جن جي نشاندهي تي اي سيڪشن پوليس متاثر شاگرد ۽ سندس پيءُ کي ٿاڻي تي وٺي آئي. شاگرد جي تصديق بعد سندس پيءُ جي فرياد تي اڳواٽ گرفتار استاد ۽ وڊيو وائرل ڪندڙ ٻنهي جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو. ايف آءِ آر ۾ فريادي ڄاڻايو آهي ته وڊيو وائرل ٿيڻ کانپوءِ پٽ کيس ٻڌايو ته 3 هفتا اڳ استاد اصغر ڪورائي ٻين شاگردن کي موڪل ڏئي کيس ويهاريو ۽ پوءِ جنسي ڏاڍائي جو نشانو بڻايو. هن وڌيڪ ڄاڻايو ته وڊيو ذريعي جوابدارن لعل بخش سولنگي ۽ عبدالستار سولنگي پٽ ۽ استاد اصغر ڪورائي کي پئسا ڏيڻ لاءِ بليڪ ميل ڪندا رهيا ۽ بعد ۾ وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري ڇڏي. پوليس ايف آءِ آر داخل ڪرڻ بعد استاد سميت ٽنهي جوابدارن کي ڪنزيومر ڪورٽ ۾ پيش ڪيو، عدالت ٽن ڏينهن جي ريمانڊ تي کين پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.










