اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان جي مشهور ٽينس اسٽار انعام الحق قريشي ۽ سندس گهر واري ثنا فياض ننڍڙا مهمان جي آجيان ڪئي آهي.مائيڪرو بلاگنگ سائيٽ ٽوئيٽر تي هڪ ٽوئيٽ شيئر ڪندي ٽينس اسٽار پنهنجي مداحن کي پٽ جي پيدائش جي خوشخبري ڏني.هڪ ٽوئيٽ ۾ هن ان نعمت تي الله جو شڪر ادا ڪندي ٻار ۽ ماءُ جي صحتيابي بابت آگاهي ڏني ۽ دعائن جي درخواست ڪئي.










