ٽيم مان نيڪالي بعد ذهني دٻاءُ جو شڪار آهيان: نسيم شاهه

ٽيم مان نيڪالي بعد ذهني دٻاءُ جو شڪار آهيان: نسيم شاهه

لاهور(اسپورٽس نيوز)نوجوان فاسٽ بالر نسيم شاهه پاڪستان ٽيم مان ڊراپ ٿيڻ واري معاملي تي چيو آهي ته ٽيم مان ڊراپ ٿيڻ کانپوءِ ذهني طور تي دٻاءُ محسوس ٿيندو آهي.پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان شيئر ڪيل ويڊيو ۾ نسيم شاهه ٽيم مان ڊراپ ٿيڻ ۽ وري واپسي جي وچ واري ڪيفيت بابت ٻڌايو آهي.فاسٽ بالر چيو ته جڏهن ڪو پروفيشنل ڪرڪيٽ کيڏڻ شروع ڪندو آهي ته سندس اهو خواب هوندو آهي ته هو ملڪ جي نمائندگي ڪري. هن چيو ته ٽيم مان ڊراپ ٿيڻ کانپوءِ تمام گهڻي محنت ڪرڻي پوندي آهي، ڊراپ ٿيڻ کانپوءِ ذهني طور تي دٻاءُ به محسوس ٿيندو آهي.نسيم شاهه چيو ته ڪِرڻ کانپوءِ اُٿڻ سان ڪارڪردگي ۾ وڌيڪ بهتري ايندي آهي ڏکئي وقت واپسي ڪرڻ جو درومدار پاڻ تي ئي هوندو آهي.فاسٽ بالر چيو ته ڏکئي وقت ۾ ڪڏهن ڪڏهن ٽريننگ تي دل ناهي چوندي، اهڙي صورتحال ۾ پاڻ کي آٿت ڏيڻي پوندي آهي.هن چيو ته واپسي بعد سريلنڪا جي دوري لاءِ پراميد آهيان، بهترين ڪاڪردگي ڏيکاري سليڪٽرن کي پنهنجي چونڊ درست ثابت ڪري ڏيکاريندس.

پهنجو تبصرو موڪليو