ٽيلر سوئفٽ جي پروگرام ۾ دهشتگردي، جوابدار کي 20 سال سزا

ٽيلر سوئفٽ جي پروگرام ۾ دهشتگردي، جوابدار کي 20 سال سزا

ويانا(ويب ڊيسڪ)آسٽريا جي هڪ عدالت خميس ڏينهن 21 ورهين جي هڪ نوجوان کي 20 سال قيد جي سزا ٻڌائي آهي. هن نوجوان 2024ع ۾ ٽيلر سوئفٽ جي ويانا ۾ ٿيندڙ ڪنسرٽ تي ناڪام بڻايل دهشتگرد حملي جي رٿابندي ڪرڻ جو اعتراف ڪيو هو. عدالت کيس مختلف، خاص طور دهشتگردي سان لاڳاپيل ڏوهن ۾ ڏوهاري قرار ڏنو۔ بيران اي، جنهن جو مڪمل نالو آسٽريا جي رازداري قانونن موجب ظاهر نه ڪيو ويو آهي، کي 7 آگسٽ 2024ع تي گرفتار ڪيو ويو هو، يعني آمريڪي پاپ اسٽار جي آسٽريا جي گادي واري شهر ويانا ۾ رٿيل ٽن ڪنسرٽن مان پهرئين شو کان هڪ ڏينهن اڳ۔ ان کانپوءِ ٽئي ڪنسرٽ رد ڪيا ويا هئا، جنهن سبب مداحن ۽ سوئفٽ ٻنهي ۾ مايوسي پکڙجي وئي هئي۔ بعد ۾ سوئفٽ لکيو ته اهو “دل ٽوڙيندڙ” واقعو هو۔ جڏهن ته ويانا ۾ مايوس مداحن پاڻ کي آٿت ڏيڻ لاءِ گڏجي ڳائڻ شروع ڪيو، نه سوئفٽ ۽ نه ئي سندس مداح، جن کي “سوئفٽيز” چيو ويندو آهي، Wiener Neustadt ۾ هلندڙ مقدمي ۾ نظر آيا، جيڪو گادي واري شهر جي ڏکڻ ۾ واقع هڪ شهر آهي۔

پهنجو تبصرو موڪليو