ڪراچي(ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي جي تازي ٽيسٽ رينڪنگ ۾ پاڪستاني رانديگرن جي درجابندي ۾ گهٽتائي جڏهن ته بنگلاديشي رانديگرن جي نمايان ترقي سامهون آئي آهي۔
بيٽرز جي رينڪنگ ۾ بنگلاديش جي نشفق رحيم10 درجا بهتري حاصل ڪري 16هين نمبر تي اچي ويو ۽ پاڪستان جو سعود شڪيل 10 درجا تنزلي کان پوءِ 26هين نمبر تي هليو ويو آهي. جڏهن ته بابر اعظم هڪ درجو بهتري حاصل ڪري 22هين پوزيشن تي پهچي ويو آهي ۽ سلمان آغا به ٻه درجا ترقي حاصل ڪري 27هين نمبر تي اچي ويو آهي.
بالرن جي رينڪنگ ۾ بنگلاديش جي ناهيد رانا 10 درجا بهتري حاصل ڪري 54هين نمبر تي پهچي ويو آهي۔ پاڪستان جي نعمان علي ٻه درجا تنزلي کان پوءِ 7هين نمبر تي هليا ويا آهن، جڏهن ته شاهين شاهه آفريدي 24هين کان گهٽجي 26هين نمبر تي اچي ويو آهي.










