مانجهند (مهراڻ عمراڻي) مانجهند ويجهو ٽوڙي ڦاٽڪ انڊس ها۽ وي تي ڄامشورو کان سيوهڻ ويندڙ تيز رفتار ڪار موڙ ڪاٽيندي ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري ڪلٽي ٿيي پئي. جنهن جي نتيجي ۾ دادو واسي عبدالحميد پهنور، غلام محمد سولنگي، شمس الدين سولنگي ۽ اعجاز سولنگي زخمي ٿي پيا جن کي مقامي ماڻھن واٽھڙو گاڏين ۾ تعلقه اسپتال مانجهند کڻائي آيا جتي 2 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ سبب سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو










