ٽوبه اچڪزئي ۽ موسيٰ خيل ۾ برسات، 9 ڄڻا فوت، 2 ليويز اهلڪار ٻڏي ويا

ٽوبه اچڪزئي ۽ موسيٰ خيل ۾ برسات، 9 ڄڻا فوت، 2 ليويز اهلڪار ٻڏي ويا

ڪوئٽه (ويب ڊيسڪ)ٽوبا اچڪزئي ۾ ڪيترن ئي ڪلاڪن کان جاري برسات سبب هر طرف پاڻي بيهجي ويو.تيز برسات سبب قلعي عبدالله ۾ پاڻي داخل ٿي ويو، ڪيترائي ڳوٺ ۽ روڊ پاڻي هيٺ اچي ويا.سيلابي ريلي سبب باغ ۽ فصل تباهه ٿي ويا جڏهن ته ڪيترائي ڍور ٻڏي ويا، صورتحال خراب ٿيڻ تي انتظاميا شهرين کي فوري طور ٻاهر ڪڍڻ شروع ڪيو.خاران ۾ 2 ليويز اهلڪار سيلابي ريلي ۾ ٻڏي ويا، جڏهن ته موسيٰ خيل، دکي، بارکان ۽ ڪوهلو ٻوڏ جي زد ۾ اچي ويو.موسيٰ خيل ۾ 100 کان وڌيڪ گهر ٻوڏ جي رڻ سبب ٻڏي ويا، جڏهن ته 9 ڄڻا فوت ٿي ويا.هوڏانهن سبي-جيڪب آباد ريلوي ٽريڪ به ٻڏي ويو، جڏهن ته مسافرن کي گاڏين ذريعي سبي ريلوي اسٽيشن تي پهچايو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو