ٽوبا ٽيڪ سنگهه (ويب ڊيسڪ) راوي درياءَ ۾ ٻوڏ جي صورتحال جي باوجود ڇوڪرو ڄڄ سان گڏ بچاءُ واري ٻيڙين ذريعي پھتو، ڊگهي انتظار کان پوءِ پنجاب جي ٽوبه ٽيڪ سنگهه علائقي جو هڪ رهواسي پنهنجي ڪنوار کي کڻڻ لاءِ ٻيڙي تي پهتو ۽ ڪنوار کي شادي ڪري وٺي آيو، جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي.وائرل وڊيو ۾ اهو ڏسي سگهجي ٿو ته تباهي واري ٻوڏ جي صورتحال جي باوجود زنده دل بهادر جوڙي شادي ڪئي، جڏهن سڀئي زميني رستا ٻوڏ جي پاڻي ۾ فاسي ويا تھ ته بچاءُ واريون ٻيڙيون مدد لاءِ پهتيون، ڪنوار کي ڳاڙهو جوڙو پاتل ھيو، جڏهن ته گھوٽ ۽ سندس خاندان بچاءُ واري ٻيڙين تي چڙهندي مسڪرائي رهيا هئا، ڃاڄي بچاءُ واري ٻيڙين ۾ سوار ٿيا ۽ دھل، ٻارن جي کل ۽ شادي جي گيتن جي گونج سان، جلوس دلہن سان گڏ محفوظ طور تي گھوٽ جي گهر پهچي ويو.جڏهن وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي، ته صارفين مخلوط ردعمل جو اظهار ڪيو.










