ٽن مھينن کان واھن ۾ پاڻي جي کوٽ،آبادگارن جو احتجاج،روڊ بلاڪ

ٽن مھينن کان واھن ۾ پاڻي جي کوٽ،آبادگارن جو احتجاج،روڊ بلاڪ

ٽنڊوباگو(ن سنڌيار) ٽن مھينن کان واھن ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف سوين آبادگارن جو ٽنڊوباگو جھڏو روڊ تي ڌرڻو، روڊ بلاڪ ۽ ٽريفڪ معطل. خبر موجب گزيل ٽن مھينن کان وٺي ڦليلي ڪئنال مان نڪرندڙ نصير واھ ڊائون، ڏاڏاھ شاخ ۽ سلطاني واھ ڊائون جي پوڇڙي جي سوين آبادگارن پاران رمضان ڪاڪيپوٽو، حاجي رسول بخش آرائين، خادم خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٽنڊوباگو جھڏو روڊ تي آرائين موري وٽ رڪاوٽون ڏيئي 7 ڪلاڪن تائين ڌرڻو ھنيو ويو. جنهن ڪري ٽنڊوباگو جھڏو روڊ تي ٽريفڪ بند ٿي وئي. ڌرڻو ھڻي ويٺل آبادگارن موجب ٽن مهينن کان وٺي واھن ۾ پاڻي نه ڇڏڻ ڪري بيٺل فصل سڪي ويا آهن. ھزارين ايڪڙن تي مند گزري وڃڻ باوجود به ڦٽي جو فصل پوکي نه سگھيا آھيون. واھن ۾ پاڻي نه ھجڻ ڪري چئين يونين ڪائونسلن ڏيئي، ڏاڏاھ، جرڪس ۽ اولياء خان شاھ جي سوين ڳوٺن ۾ پيئڻ جي پاڻي جو بحران پيدا ٿي ويو آهي. چوپايو مال ۽ جھنگلي جيوت اڃ سبب مري رھيا آھن. ھنن مطالبو ڪيو فورن نصير واھ ڊائون، سلطاني واھ ڊائون ۽ ڏاڏاھ شاخ ۾ پاڻي ڏنو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو