ٽن عورتن سميت 9 ڄڻن جي کنڀجڻ تي پوليس خلاف احتجاج

صوڀوديرو(ن س) مختلف ڳوٺن مان بلا جواز کنڀي گم ڪيل ٽن عورتن سميت 9 ماڻهن جي آزادي لاءِ چنا برادري احتجاجي مظاهرو  ڪيو. مظاهرين اسد علي چنا، ديدار علي چنا، علي احمد چنا، عبدالرزاق چنا، نورالدين چنا باغ علي چنا ۽ٻين چيو ته ڪجھ ڏينھن کان ڊي ايس پي صوڀوديرو جي اڳواڻي ۾مختلف ٿاڻن جي پوليس علائقي ۾ رڻ ٻاري ڏنو آهي ۽ گهرن تي چڙهائي ڪري اسان جا ماڻهو گھران کڻي گم ڪري ڇڏيا آهن. گم ڪيل مردن توڙي عورتن تي ڪا به ايف آئي آر داخل نه آهي پوليس انهن ماڻهن مان ڪنهن کي به مقابلو ڄاڻائي مارائي سگهي ٿي. ڪو به نقصان ٿيو ته ذميوار ايس ايس پي خيرپور،ڊي ايس پي صوڀوديرو عبدالستار اڄڻ، ايس ايڇ او صوڀوديرو عبدالجبار ميمڻ، ايس ايڇ او ڪيٽي ڪنوري علي اڪبر شيخ، ايس ايڇ او محمود چنا شوڪت گبول ۽ايس ايڇ او منگي ماڙي غلام سرور ڀيو هوندا.  هنن چيو ته چيف جسٽس، آء جي سنڌ ۽ انساني حقن جي تنظيمن کي اپيل ٿا ڪيون ته معاملي جو نوٽيس وٺي اسانجي گم ڪيل ماڻهن کي بازياب ڪرايو وڃي. ذريعن موجب  چنا برادري جا پنج ماڻهو پوليس خبرون ھلڻ کان پوء ڇڏي ڏنا آھن باقي 9 ڄڻن جو ڪو به ڏس پتو نه پئجي سگھيو آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو