سانگهڙ(ن س)سانگهڙ جي علائقي ٽنڊي آدم ۾ ٽڪ ٽاڪ ٺاهڻ دوران 2 نوجوان واهه ۾ ٻڏي فوت ٿي ويا.پوليس موجب، واقعو ٽنڊو آدم شاخ واهه ۾ اربع جي شام ٿيو.ٻن ڪلاڪن جي ڪوشش باوجود ٻڏي ويل نوجوان جو پتو نه پئجي سگهيو.اونداهي سبب ڳولا ملتوي ڪئي وئي، ٻڏي فوت ٿيل ٻن نوجوانن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي.










