ٽنڊو باگو مان لاش هٿ، شيخ ڀرڪيو ۾ خود ڪشي

ٽنڊوباگو/ شيخ ڀرڪيو(نمائندن وٽان) ٽنڊوباگو شهر ٻاهران بائي پاس روڊ وٽان باگو واھ مان نامعلوم ماڻهو جي لڙهي آيل لاش جي سڃاڻپ بدين واسي ڊاڪٽر شعيب ميمڻ طور ٿي آهي. سندس مائٽن سڃاڻپ ڪندي لاش دين کڻي وڃي تدفين لاءِ ايڌي سينٽر جي عملي کي گهرايوآهي.

Photo Sindhyar

ٻه ڏينهن اڳ بدين واسي ڊاڪٽر شعيب ميمڻ ماتلي پهچي ڦليلي ڪئينال ۾ ٽپو ڏئي خودڪشي ڪري ڇڏي هئي، گهڻي ڳولا بعد سندس لاش هٿ اچي نه سگهيو هو. اڄ اوچتو ٽنڊوباگو جي بائي پاس روڊ واري پل ڀرسان باگو واھ مان ڊاڪٽر شعيب ميمڻ جو لاش هٿ آيو آهي.ٻئي پاسي شيخ ڀرڪيو جي ڳوٺ راڄو نظاماڻي ۾    40ورهين جي سميع الله نظاماڻي گهر اندر پکي ۾  ٽوال سان ڦاهو کائي مبينا خودڪشي ڪري ڇڏي.

Photo Sindhyar

اطلاع تي شيخ ڀرڪيو پوليس پهچي لاش پوسٽ مارٽم لاء سول  اسپتال ٽنڊومحمدخان  منتعقل ڪري ڇڏيو. وارثن جو چوڻ آهي  ته  فوتي جو ذهني توازن درست نه هو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو