ڪشمور (جي ايم کوسو) انڊس هاءِ وي تي واقع ڳوٺ ڪامل چاچڙ وٽ ٽرڪ ۽ موٽرسائيڪل ۾ آمهون سامهون ٽڪر ٿي پيو جنھن جي نتيجي 14 سالن جو عمران دشتي ٿڏي تي فوت ٿي ويو جڏھن ته ٽرڪ ڊرائيور فرار ٿي ويو. ڪشمور پوليس موقعي تي پھچي ٽرڪ کي تحويل ۾ ورتو آهي. پوليس لاش جو تعلقه اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائي ضروري ڪاروائي ڪرڻ بعد وارثن حوالي ڪيو آهي.










