ٽريڪٽر ٽرالي هيٺان ٻارڙو چيڀاٽجي فوت

اوٻاڙو(ايم بچل گھنڃون) ريتي لڳ ريتي ۾ معصوم 10 ساله ٻارڙو ڪوڙو خان ولد محمد دين سومرو پنهنجي زمين ۾ مال لاءِ گاهه ڪرڻ لاءِ ويل هيو واپسيءَ تي ٽراڪٽر ٽرالي تي چڙهي رهيو هيو ته پير ترڪڻ سبب ٽرالي تان ڪري ڪري پيو ٽائر مٿان چڙهڻ سبب چيڀاٽجي ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويو جنهن سبب سندس چهرو مڪمل طور تي پريس ٿي ويو، ٻارڙي جو لاش گهر پهچڻ تي سندس گهر ۾ روڄ راڙو مچي ويو سندس امڙ جو اڀ ڏاريندڙ دانهون ۽ ممتا جي جگر جو ٽڪڙو ڌار ٿيڻ تي کيس بيهوشيءَ جا دورا جڏهن ت اتفاقي حادثي جو واقعو ريتي ٿاڻي ريتي ٿاڻي تي داخل ڪرايو ويو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو