ٽريڪٽر جي ٽڪر ۽ وڻ ڪرڻ سبب ڌار ڌار واقعن ۾ 2 فوت

ٽريڪٽر جي ٽڪر ۽ وڻ ڪرڻ سبب ڌار ڌار واقعن ۾ 2 فوت

ڪراچي(نمائندن وٽان) تيز طوفان ۽ بارش ۾ وڻ ڪرڻ سبب ڊرگهه بالا جو زخمي نوجوان فوت ٿي ويو جڏهن ته نئون ڪوٽ لڳ روڊ حادثي جو زخمي به فوت ٿي ويو آهي. ٻن ڌار ڌار پيش آيل حادثن ۾ 2 ڄڻا فوت ٿيا آهن.***نئون ڪوٽ مان پيار علي نھڙيو موجب رحمان آباد اسٽاپ ڀرسان  موٽر سائيڪل جو ٽريڪٽر ٽرالي  سان ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار 24 سالا نوجوان عظمت ﷲ نھڙيو شديد زخمي ٿي پيو جنهن کي علائقي واسين بيسڪ هيلٿ سينٽر ڪوٽ ارباب مير محمد آندو جتي زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو اطلاع تي ڪلوئي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو، نوجوان جو لاش ڳوٺ ڪلڻهار کارو پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو.*** ڊرگهه بالا  مان محمد اسماعيل لانگاهه موجب تيز طوفاني برسات ۾ ڳوٺ سونو جمالي ۾ وڻ ڪرڻ سبب 18 سالا عبدالوحيد پٽ روشن جمالي نواب شاھ اسپتال ۾  زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويو. ياد رهي ته طوفان برسات دوران نوجوان ٽيوب ويل تي لڳل سولر پليٽن کي طوفان کان محفوظ ڪري رهيو هو ته وڻ ڪرڻ سبب کيس سولر پليٽ لڳي ۽ هو سخت زخمي ٿي پيو هو جنهن کي وارث جوهي کان نوابشاهه کڻائي ويا هئا جتي هو زير علاج هو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو