ٽرين زيادتي ڪيس، عورت  پنهنجي بيان کان ڦري وئي

ٽرين زيادتي ڪيس، عورت پنهنجي بيان کان ڦري وئي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سر سيد ايڪسپريس جي سڪيورٽي گارڊز تي بدسلوڪي جو الزام لڳائيندي عورت جاچ دوران پنهنجي بيان کان هٽي وئي. گذريل ڏينهن ڪراچي کان راولپنڊي ويندڙ سر سيد ايڪسپريس ۾ بغير ٽڪيٽ سفر ڪندڙ فائزا نالي عورت ٻن سيڪيورٽي گارڊن تي جنسي ڏاڍائي جو الزام هنيو هو.فائزہ پنهنجي بيان کان پاسو ڪندي چيو ته سڪيورٽي گارڊ کيس فحش جملا ڪري حراسان ڪري رهيا هئا، جنهن تي هن ڪاوڙ ۾ اچي پوليس کي فون ڪيو ۽ بدسلوڪي بابت ڪوڙ ڳالهايو.عورت جو بيان تبديل ڪرڻ بعد پوليس ڪيس جي جاچ مڪمل ڪري رپورٽ آءِ جي ريلوي پوليس کي موڪلي ڇڏي آهي. ياد رهي ته عورت مسافر جي الزام کانپوءِ ريلوي پوليس ٻنهي سڪيورٽي گارڊن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو هو، حراست ۾ ورتل سيڪيورٽي گارڊن پوليس کي ٻڌايو ته عورت ٽرين ۾ بغير ٽڪيٽ سفر ڪري رهي هئي، جنهن بعد ريلوي پوليس ٻنهي سڪيورٽي گارڊن تي تشدد جو الزام هنيو.

پهنجو تبصرو موڪليو