اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي چيو آهي ته ذاتي طور تي مان سمجهان ٿو ته ٽرمپ جي گرفتاري ۽ فرد جرم تاريخي ۽ بي مثال آهي.پنهنجي بيان ۾ صادق سنجراڻي چيو ته هي آمريڪي عدليه لاءِ هڪ امتحان هوندو، جيڪا پنهنجي انصاف واري نظام لاءِ سڃاتي وڃي ٿي.سينيٽ چيئرمين وڌيڪ چيو ته هن تاريخي پيش رفت ۽ ان جا نتيجا مون سميت ڪيترائي ماڻهو ڏسي رهيا آهن.










