نيويارڪ(ويب ڊيسڪ) آمريڪي اخبار نيويارڪ ٽائيمز ڇنڇر جي صبح رپورٽ ڏني آهي ته انصاف واري کاتي قطر طرفان تحفي ۾ ڏنل ان جهاز بابت سيڪيورٽي خدشن تي رپورٽنگ ڪندڙ ان جي چئن صحافين کي سمن جاري ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو نئين ايئر فورس ون طور استعمال ٿيڻ وارو آهي.
اخبار موجب صحافي جولين اي. بارنس، ايرڪ لپٽن، ٽائلر پيجر ۽ ايرڪ شمٽ کي ايندڙ هفتي اربع ڏينهن مينهٽن ۾ وفاقي گرينڊ جيوري آڏو پيش ٿي شاهدي ڏيڻ لاءِ طلب ڪيو ويو آهي.
نيويارڪ ٽائيمز جو چوڻ آهي ته وفاقي ايجنٽن ڪجهه سمن صحافين جي گهرن تي وڃي پهچايا. اخبار پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته هو عدالت جي ان حڪم کي چئلينج ڪندي، ڇاڪاڻتہ اهڙو قدم انتهائي غيرمعمولي آهي ۽ اهو عوامي مفاد ۾ خبرون گڏ ڪرڻ واري صحافت جي آزادي لاءِ سڌو سنئون خطرو آهي.
اخبار موجب انهن سمن مان ظاهر ٿئي ٿو ته ٽرمپ انتظاميا اهو معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ته اها حساس ڄاڻ ڪنهن ليڪ ڪئي، جنهن جي بنياد تي نيويارڪ ٽائيمز گذريل اربع تي رپورٽ شايع ڪئي هئي ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ هن هفتي ترڪي مان پراڻي ايئر فورس ون ذريعي واپس روانو ٿيو، ڇاڪاڻتہ سيڪريٽ سروس کي نئين جهاز بابت سيڪيورٽي خدشا هئا.
سي اين اين موجب، اهي سمن ان ملاقات کان پوءِ جاري ڪيا ويا، جنهن ۾ ايف بي آءِ جي ڊائريڪٽر ڪيش پٽيل جمعي ڏينهن وائيٽ هائوس ۾ عملدارن سان ملاقات ڪري نئين جهاز بابت سيڪيورٽي ڄاڻ ليڪ ٿيڻ جي جاچ تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ذريعن موجب، ڪيش پٽيل ان ئي ڏينهن صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ٽيليفون تي به جاچ بابت ڳالهه ڪئي.
سي اين اين جي صحافين ڪيش پٽيل کي شام جو لڳ ڀڳ 6:44 وڳي وائيٽ هائوس مان نڪرندي ڏٺو، جڏهنتہ ان ملاقات جا تفصيل اڳ ۾ سامهون نه آيا هئا.
ذريعن سي اين اين کي ٻڌايو ته ٽرمپ قطر طرفان ڏنل 40 ڪروڙ ڊالرن جي جهاز بابت سيڪيورٽي خدشن واريون خبرون سامهون اچڻ تي سخت ڪاوڙيل هو. کيس ان ڳالهه تي به شرمندگي ٿي ته عوام آڏو اها حقيقت ظاهر ٿي وئي ته اهو جهاز ترڪي ۾ ٿيل نيٽو سربراهه اجلاس کان سڌو آمريڪا واپس اڏامڻ لاءِ گهربل سيڪيورٽي ۽ فني تيارين سان مڪمل طور ليس نه هو.
صدر ڊونلڊ ٽرمپ ماضي ۾ به ڪيترائي ڀيرا خبرن جي ادارن تائين ڳجهي معلومات پهچائڻ وارن خلاف وفاقي جاچ جو مطالبو ڪندو رهيو آهي. هن سال جي شروعات ۾ واشنگٽن پوسٽ ۽ وال اسٽريٽ جرنل به قومي سلامتي سان لاڳاپيل ڄاڻ ليڪ ٿيڻ جي جاچ دوران پنهنجن ڪيترن ئي صحافين کي سمن جاري ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ ڳجهي قانوني ويڙهه وڙهي هئي.
هاڻي نيويارڪ ٽائيمز به ساڳي صورتحال کي منهن ڏئي رهي آهي. اخبار جي نيوز روم جي اعليٰ قانوني صلاحڪار ڊيوڊ ميڪ ڪرا ڇنڇر جي صبح جاري ڪيل بيان ۾ انهن سمن جي سخت مذمت ڪئي.
هن چيو، “وفاقي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن جو صحافين جي گهرن جي دروازن تي پهچڻ هر اُن آمريڪي لاءِ ڌچڪي جهڙي ڳالهه هجڻ گهرجي، جيڪو آئين ۽ ان سان تحفظ مليل صحافتي آزاديءَ تي يقين رکي ٿو.”
هن وڌيڪ چيو، “هي بيباڪ قدم ان کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي ته صحافين کي ڊيڄاري ڌمڪائي پنهنجو ڪم ڪرڻ کان روڪيو وڃي، جيئن عوام پنهنجي ملڪ ۾ ٿيندڙ معاملن کان بي خبر رهي.”
سي اين اين ان معاملي تي موقف وٺڻ لاءِ وائيٽ هائوس ۽ مينهٽن ۾ آمريڪي اٽارني جي آفيس سان رابطو ڪيو آهي.
واشنگٽن ۾ هن هفتي نئين جهاز بابت سيڪيورٽي خدشا ان وقت اهم بحث بڻجي ويا، جڏهن ٽرمپ اوچتو اعلان ڪيو ته هو ترڪي مان روانو ٿيڻ کان اڳ نئين جهاز کي برطانيا جي ملڊنهال ايئر فورس بيس ڏانهن موڪلي رهيو آهي.
ٽرمپ سوشل ميڊيا تي لکيو ته جهاز جي تبديلي جو مقصد صرف اهو هو ته ان بيس تي مقرر آمريڪي فوجين کي “جهاز جو دورو ڪرڻ جو موقعو ملي.” هن لکيو، “سڀ ماڻهو تمام گهڻا پرجوش آهن، ۽ اسان سوچيو ته سڀ کان پهرين انهن کي ئي اهو موقعو ملڻ گهرجي.”
پر سي اين اين خميس ڏينهن رپورٽ ڏني ته سيڪيورٽي عملي کي پراڻي ايئر فورس ون ۾ صدر جي سفر بابت وڌيڪ اطمينان هو، ڇاڪاڻتہ اهو جهاز شروع کان ئي صدارتي تحفظ جي ضرورتن کي نظر ۾ رکي تيار ڪيو ويو هو، جڏهنتہ قطر طرفان تحفي ۾ ملندڙ جهاز کي بعد ۾ تبديل ڪري صدارتي استعمال لاءِ تيار ڪيو ويو هو.
ان کان پوءِ ٽرمپ برطانيا ۾ آمريڪي فوج جي محفوظ هوائي اڏي تي جهاز تبديل ڪيو. جيتوڻيڪ هن انڪار ڪيو ته اها تبديلي سيڪيورٽي سبب ڪئي وئي هئي، پر سي اين اين ۽ ٻين ميڊيا ادارن جي ذريعن موجب اصل سبب سيڪيورٽي خدشا ئي هئا.
ٽرمپ چيو، “ڪو به سيڪيورٽي مسئلو نه هو. اسان صرف اهو جهاز ٿورو اڳ موڪلي ڇڏيو هو ته جيئن اتي موجود ماڻهو ان کي ڏسي سگهن.”
جڏهن ٽرمپ کان پڇيو ويو ته انقرا مان اڏام دوران جهاز ۾ موجود صحافين کي دريون بند ڪرڻ (ونڊو شيڊز هيٺ ڪرڻ) جي هدايت ڇو ڏني وئي، ته هن چيو ته ايران سان لاڳاپيل سيڪيورٽي خدشا ان جو هڪ سبب ٿي سگهن ٿا.
ٽرمپ چيو، “اهي بيمار ذهنيت وارا ماڻهو آهن، تنهنڪري مان اهڙي ڳالهه جو امڪان ڏسي سگهان ٿو.” هن وڌيڪ چيو ته کيس اها خبر نه هئي ته صحافين کي دريون بند رکڻ جي هدايت ڏني وئي هئي.
صحافين جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيمن انهن سمن کي عوام جي حڪومت بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ واري حق تي حملو قرار ڏنو آهي.
رپورٽرز ڪميٽي فار فريڊم آف دي پريس جي چيئرمين اسٽيفن جي. ايڊلر پنهنجي بيان ۾ چيو، “آخرڪار صحافتي آزادي جو تعلق عوام جي حق سان آهي، ته هو ڄاڻي سگهي ته سندس شهر ۽ ملڪ ڪيئن هلايا پيا وڃن، ۽ آزاد صحافت جي بنياد تي ڄاڻايل فيصلا ڪري سگهي.”
هن وڌيڪ چيو، “جڏهن عوام جو ڄاڻ حاصل ڪرڻ جو حق چيڀاٽيو وڃي ٿو، جيئن ٽرمپ انتظاميا نيويارڪ ٽائيمز خلاف سمن ذريعي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، ته پوءِ اسان سڀني کي اهڙو نقصان پهچي ٿو، جنهن جي تلافي ممڪن ناهي، ۽ ان آزادي کي به ڌڪ لڳي ٿو، جنهن تي هن ملڪ جي بنياد رکيل آهي.”
فريڊم آف دي پريس فائونڊيشن جي وڪالت واري شعبي جي سربراهه سيٿ اسٽرن چيو ته جهاز جي تبديلي بابت رپورٽنگ واضح ڪري ٿي ته “صحافين ۽ ڳجهي معلومات ظاهر ڪندڙ ماڻهن جو تحفظ ڇو ضروري آهي، ڇو ته جيڪڏهن اهي نه هجن ها ته اسان کي اهڙي فضول خرچي ۽ نااهليءَ بابت ڪڏهن به خبر نه پوي ها.”
سمن بابت هن چيو، “اسان هميشه چوندا رهيا آهيون ته جڏهن حڪومت چوي ٿي ته قومي سلامتي جي تحفظ لاءِ صحافين جي جاچ ضروري آهي، ته حقيقت ۾ ان جو مقصد پنهنجي ساک بچائڻ هوندو آهي. هن معاملي کان وڌيڪ واضح مثال ٻيو ڪو نه ٿي سگهي.”
نيويارڪ ٽائيمز موجب، ايف بي آءِ جي هڪ سينيئر آفيسر اخبار سان رابطو ڪري درخواست ڪئي هئي ته قومي سلامتي جي بنياد تي اربع واري خبر شايع نه ڪئي وڃي، پر هن اهو نه ٻڌايو ته اصل سيڪيورٽي مسئلو ڪهڙو هو.
اخبار جو چوڻ آهي ته جمعي ڏينهن جاري ڪيل سمن ۾ به ڪو واضح تفصيل موجود ناهي، رڳو ايترو چيو ويو آهي ته صحافين کي “فوجداري قانون جي مبينا ڀڃڪڙي” بابت شاهدي ڏيڻ لاءِ طلب ڪيو ويو آهي.
اخبار وڌيڪ ٻڌايو ته اهي سمن نيويارڪ جي ڏاکڻي ضلعي جي آمريڪي اٽارني جي ڪليٽن جاري ڪيا، جنهن کي گذريل مهيني صدر ٽرمپ قومي انٽيليجنس جي ايندڙ ڊائريڪٽر لاءِ نامزد ڪيو هو.
گذريل مهيني، جڏهن انصاف واري کاتي واشنگٽن پوسٽ ۽ وال اسٽريٽ جرنل سان لاڳاپيل ڪجهه صحافين خلاف سمن واپس ورتا هئا، تڏهن قائم مقام اٽارني ٽوڊ بلانش چيو هو، “اسان صحافين جي ڪردار کي تمام گهڻي اهميت ڏيون ٿا، پر منهنجي ذميواري به اها آهي ته جيڪي ماڻهو قومي راز سنڀالڻ جا امين آهن، اهي انهن کي صحافين سان شيئر نه ڪن. ان ڪري ٻنهي ڳالهين جي وچ ۾ هڪ فطري ڇڪتاڻ موجود آهي.”
هن وڌيڪ چيو، “اسان انهن ماڻهن جي جاچ بند نه ڪنداسين، جيڪي هن انتظاميا ۾ ڪم ڪندي اهو سمجهن ٿا ته ڳجهي ۽ خفيه معلومات ليڪ ڪرڻ ٺيڪ آهي.” رپورٽ ۾ اهو پڻ ڄاڻايو ويو آهي ته هن خبر جي تياري ۾ ڪرسٽن هومز ۽ ايوان پيريز پڻ حصو ورتو.
ايڊيٽر جو نوٽ: هن خبر ۾ بعد ۾ اها درستگي ڪئي وئي ته جي ڪليٽن کي قومي انٽيليجنس جي ڊائريڪٽر لاءِ نامزد ڪيو ويو آهي، نه ڪي قومي سلامتي جي ڊائريڪٽر لاءِ.(هي رپورٽ سي اين اين تي شايع ٿي جيڪا سندن ٿورن سان اسين پنهنجي پڙهندڙن لاءِ پيش ڪريون ٿا. ادارو)










