ٽرانسفارمر ڌماڪي ۾ 2 وڌيڪ فوت، امتياز شيخ پاران رپورٽ طلب

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ جي توانائي واري وزير حيدرآباد ۾ ٽرانسفارمر جي ڌماڪي جو نوٽيس وٺندي لاپرواهي ڪندڙ عملي خلاف ڪاروائي جي هدايت ڪئي آهي. هن جمعي تي حيسڪو چيف کان معلومات ورتي جاچ جي هدايت ڏني. لطيف آباد ۾ بجلي جي ٽرانسفارمر کي باهه لڳڻ سبب زخمي ٿيل وڌيڪ 2 ڄڻن سجاد ۽ وقاص اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو، جنهن بعد فوتين جو انگ وڌي 5 ٿي ويو آھي، جڏھن تھ لطيف آباد ۾ ٽرانسفار کي باهه لڳڻ واري واقعي جا سي سي ٽي وي فوٽيج سامهون اچي ويا، ٽرانسفارمر کي باهه لڳڻ سبب شجاعت ۽ تابش گذريل رات فوت ٿي ويا هئا.وڏي وزير سيد مراد علي شاهه نوٽيس وٺندي جاچ جو حڪم ڏنو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو