ٽائون ڪاميٽي ملازمن جو پگهارن ۾ ڪٽوتي خلاف هڙتال

ٽائون ڪاميٽي ملازمن جو پگهارن ۾ ڪٽوتي خلاف هڙتال

نوشهرو فيروز(ن سنڌيار)ٽائون ڪاميٽي نوشهرو فيروز جي ملازمن جي پگهارن مان زوريءَ ڪٽوتين خلاف ملازمن احتجاجي ريلي ڪڍي جنهن ۾ وڪيل اڳواڻن پڻ شرڪت ڪئي احتجاج ۾ اڳواڻن اڄ کان ڪم ڇڏ هڙتال جو سڏ ڏئي ڇڏيو آھي احتجاج دوران ملازم اڳواڻن ڪشن راجا، مولابخش شيخ، منظور ملڪ ، عمران تڳر، محبوب شيخ ۽ ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جي ضلع صدر عبدالرحيم عباسي، اياز مري، عمرالدين پنهور ۽ ٻين چيو ته غريب پهاريدارن جون به ٻن کان پنجن هزارن تائين هر ملازم جي پگهار ڪٽڻ سندن حقن تي ڌاڙو آھي جيڪو برداشت نه ڪيو ويندو هنن پوري پگهار نه ڏيڻ جي صورت ۾ اڄ کان ڪم ڇڏ هڙتال جو پڻ سڏ ڏنو ٻئي پاسي ٽائون آفيسر شجرالدين صديقي جو چوڻ آھي ته تيل ۽ ٻيا خرچ وڌڻ ڪري پگهارن جي ڪٽوتي ڪئي وئي آھي جڏهن ته تصديق ٿيل ذريعن جو چوڻ آھي ته انڪم ٽيڪس آفيس وارن ٽائون کان منٿلي جا پيسا گهريا آھن جيڪي پيسا پورا نه ٿيڻ ڪري هر ملازم جي پگهار ڪٽي وئي آھي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو