ٽنڊوغلام حيدر(رپورٽ ميرحسن رند) ٽائون ڪميٽي ملازمن کي هڪ ڀيرو ٻيهر پگهارن کان محروم رکيو ويو، ٽائون جي لوڪل ملازمن کي پگهارون جاري نه ٿيڻ سبب مک ٽائون آفيس اڳيان احتجاجي ڪئمپ لڳائي وئي ان سلسلي ۾ ملازمن، طاهر نظاماڻي، بشير ورياھ، ستار لاشاري ارباب لاشاري ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته اسان 2009 جي لوڪل ملازمن کي چار سال نيشنل بينڪ مان پگهارون جاري ڪري ڏنيون ويون پوء سال 2014 کان جعلي قرار ڏئي پگهارون بند ڪري نسورو ظلم ڪيو ويو آهي هنن چيو ته 2014 ۾ ڪرپٽ ڪامورن ٻاهريان من پسند ماڻهن کي آرڊر ڏئي اسان جي ٻچن جي وات مان ماني گرھ کسيو آهي، هنن وزير اعلي سنڌ، سميت پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو کي اپيل ڪندي چيو ته اسان لوڪل ملازمن جون رهيل پگهارون جاري ڪري ڏنيون وڃن ۽ وڌندڙ بيچيني ختم ڪئي وڃي، هوڏانهن ملازمن پاران جائز مطالبا نه مڃڻ تائين احتجاجي ڪئمپ قائم ڪرڻ جو پڻ اعلان ڪري ڇڏيو آهي.










