ٽائون ملازمن جو پگهارون نه ملڻ خلاف احتجاج

مانجهند( رپورٽ مهراڻ عمراڻي)مانجهند ٽائون انتظاميا ملازمن کي ڏٽا ڏئي وقت گذاري ڇڏيو عيد تائين پگهارون نه ٿي سگهيو ملازمن جو معصوم ٻارڙن سميت ڌرڻو انتظاميا کي پٽون پاراتا .مانجهند ٽائون  ڪميٽي انتظاميا مختلف جواز ڄاڻائي عيد تائين پگهار جاري نه ڪري سگهي ائڊمنسٽريٽر پگهارن جي بلن تي 10 ڏينهن کان پوٻ صحيح ڪرڻ کان پوء آڊيٽر ملازمن جي پرسنل فائيل ڏسڻ تائين صحيح کان انڪار ڪندي عيد ڪرڻ گهر روانو ٿي ويو ڪنهن سبب ملازمن جي عيد نه ٿي سگهي  اهڙي عمل خلاف  ملازمن  ست مهينن کان پگهارون نه ملڻ سان  عيد خريداري۽ خوشين  کان محروم ٿيَڻ   خلاف  معصوم ٻارڙن سميت آفيس گيٽ آڏو نٽھڻ اس ۾ ڌرڻو هڻي انتظاميا کي پٽون ۽ پاراتا ڏنا ان موقعي تي ملازمن محمد يوسف عمراڻي اعجاز حسين ميمڻ محمد صديق ميمڻ رفيق خاصخيلي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ت عيد اچڻ باوجود ٽائون انتظاميه سٿ مهينن کان بنا جواز پگهارو  بند ڪري ڇڏيون آھن جنهن سبب اولاد کي عيد ڪپڙا خريد ڪري نه ڏئي سگهيا آھيون جڏھن ت ڦاڪاڪشي واري زندگي گذاري رهيا آھيون هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ت عيد خوشين کان محروم ڪندڙ ڪامورن خلاف سخت ڪاروائي ڪئي وڃي ٻي صورت سخت احتجاج جاري رهندو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو