ممبئي (شوبز نيوز)بالي ووڊ جي مشهور اداڪارا ڪرينا ڪپور خان پنهنجي ٽئين ٻار جي ڄمڻ جي امڪاني خبرن تي دلچسپ ردعمل ظاهر ڪيو آهي. ڪرينا ڪپور هن وقت پنهنجي ٻارن ۽ مڙس اداڪار سيف علي خان سان گڏ يورپ ۾ موڪلن تي گذاري رهي آهي، جنهن دوران سندس هڪ تصوير سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي، جنهن کانپوءِ اهي قياس آرائيون شروع ٿي ويون ته هوءَ حامله آهي ۽ تمام جلد ٽيون ٻار پيدا ٿيڻ واري آهي. ڪرينا ڪپور پنهنجي انسٽاگرام اسٽوري تي پنهنجي ٽئين حمل جي خبرن جي ترديد ڪئي آهي. هن پنهنجي انسٽاگرام ڪهاڻي ۾ لکيو ته ”پرسڪون رهو، مان حامله نه آهيان. هن دلچسپ انداز ۾ لکيو آهي ته ”سيف صاحب چيو آهي ته هن ملڪ جي آبادي وڌائڻ ۾ اڳ ۾ ئي گهڻو حصو ورتو آهي.










