ٻڌڻي دوران جج کي دل جو دورو، عدالتن پاران ملزمن کي سزا

ٻڌڻي دوران جج کي دل جو دورو، عدالتن پاران ملزمن کي سزا

دادو (ادل مهيسر)دادو جي فرسٽ سول جج ۽ جڊيشنل مئجسٽريٽ سيد ڪرم علي شاهه کي ڪيس جي ٻڌڻي دوران اوچتو دل ۾ تڪليف ٿي ، ايمبولينس نه پهچڻ ڪري جج کي سندس سرڪاري ڪار ۾ سول اسپتال دادو جي دل جي وارڊ ۾ آندو ويو ته سيشن جج دادو سميت جج ۽ وڪيل به پهچي ويا. اسپتال انتظاميه فوري طور دل جي ڊاڪٽر  ظهور احمد شيخ ۽ ٻين کي طلب ڪيو ، جج کي ابتدائي طبي امداد ڏيڻ بعد سيوهڻ جي سيد عبدالله شاهه  اسپتال ريفر ڪيو ويو،جتي سندس طبيعت سڌرندڙ ٻڌائي پئي وڃي.*** هوڏانهن دادو جي ماڊل ڪورٽ جي جج قتل ڪيس ثابت ٿيڻ تي 3 جوابدارن ميرل، اسلم ۽ لطف مشوري  کي عمر قيد ۽ هڪ هڪ لک روپيه ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڏنڊ نه ڏيڻ جي صورت ۾ جوابدار اضافي قيد ڀوڳيندا. 4 سال اڳ سڱاوتي تڪرار تان جوابدارن معشوق علي ڀرڳڙي کي قتل ڪيو هو.*** دادو جي ڦورٿ ايڊيشنل سيشن جج موٽر سائيڪل ڦر جي ڪيس ۾ دادو جي رھواسي رحمت الله خشڪ کي 20 ھزار ڏنڊ ۽ 7 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي. 

پهنجو تبصرو موڪليو