ٻٽي سياست بند ڪريو، مولانا وضاحت ڪري،نثارکهڙو

ٻٽي سياست بند ڪريو، مولانا وضاحت ڪري،نثارکهڙو

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) صوبائي اسمبلي جي تڪ 11 جي ننڍي چونڊ واري معاملي تي پيپلز پارٽي ۽ جميعت علما اسلام ۾ اختلاف تيز ٿي ويا. نثار کهڙو چيو آهي ته مولانا فضل الرحمان ٻٽي سياست ختم ڪري هڪ پاسي وفاقي حڪومت خلاف آزادي مارچ پيو ڪري ٻئي پاسي لاڙڪاڻي۾ پي ٽي آءِ جي اميدوار جي ورڪ پئي ڪئي وڃي. هن چيو ته بلاول ڀٽو جي چوڻ تي سنڌ حڪومت آزادي مارچ وارن کي سهولت فراهم ڪندي ۽ کين روڪيو نه ويندو. هوڏانهن مولانا اڪرم دراني اڱاري تي آزادي مارچ بابت سيد نيئر بخاري سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي پڇيل سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پي پي وارن گهوٽڪي چونڊ ۾ مدد لاءِ چيو ته اسن پنهنجا ووٽ ته ڏنا پر پولنگ ايجنٽ به ڏنا. هن چيو ته لاڙڪاڻو چونڊ بابت پي پي وارن مرڪز سان ناهي ڳالهايو ۽ هونئن به هي ننڍا مسئلا آهن هو چون ته هڪ سيٽ ته ڇا مان خيبر پختونخواه جي اپوزيشن ليڊر شپ کين ڏيڻ لاءِ تيار آهيان.ياد رهي ته لاڙڪاڻي جي صوبائي اسمبلي جي تڪ 11 تي 17 آڪٽوبر تي ننڍي چونڊ لاءِ پولنگ ٿيندي. پيپلز پارٽي جميل سومرو کي ٽڪٽ ڏني آهي جڏهن ته جي ڊي اي پاران معظم علي عباسي اميدوار آهي جنهن کي حڪمرن جماعت پي ٽي آءِ ۽ جي يو آءِ جي حمايت حاصل آهي. هن سيٽ تي اڳ ۾ معظم عباسي چونڊيو هو پر عدالت نامزدگي فارم ۾ غلط بياني تي نتيجا ڪالعدم قرار ڏئي ٻيهر چونڊ جو حڪم ڏنو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو