ٻٽو قتل ڪيس، جوابدار جي موت واري سزا عمر قيد ۾ تبديل

ٻٽو قتل ڪيس، جوابدار جي موت واري سزا عمر قيد ۾ تبديل

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)سپريم ڪورٽ ٻٽي قتل ڪيس جي 76 سالن جي جوابدار محمد ممتاز جي موت جي سزا کي عمر قيد ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي.سپريم ڪورٽ 76 سالن جي جوابدار جي سزا کي سندس ڪمزور عمر جي بنياد تي تبديل ڪري ڇڏيو.عدالت چيو ته قتل ڪنهن به اڳواٽ طئي ٿيل منصوبي جو نتيجو نه هو، خوني جهيڙو گهٽي پار ڪرڻ تي ڍورن جي معمولي تڪرار تي شروع ٿيو.سپريم ڪورٽ چيو ته ڏوهاري جي زال ۽ متاثره جي وچ ۾ جهيڙو تڪرار جو بنياد بڻجي ويو، پراسيڪيوشن دعويٰ ڪئي ته جوابدار اهو قتل هڪ مينهن چوري ڪيس جي دشمني ۾ ڪيو.عدالت چيو ته پراسيڪيوٽر مينهن جي چوري جي الزام ۾ دشمني جو ڪو به دستاويزي ثبوت پيش نه ڪري سگهيو

پهنجو تبصرو موڪليو