ٻٽو قتل، ڏوهاري جي سزا ۾ گهٽتائي، ٻئي جي عمر قيد برقرار

ٻٽو قتل، ڏوهاري جي سزا ۾ گهٽتائي، ٻئي جي عمر قيد برقرار

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاھور هائيڪورٽ ٻٽي قتل ڪيس ۾ هڪ جوابدار جي عمر قيد برقرار رکي، جڏهن ته ٻئي کي شڪ جو فائدو ڏئي سزا 15 سال قيد ۾ تبديل ڪري ڇڏي.جسٽس طارق نديم قرار ڏنو ته قتل جي ڪيسن ۾ اليڪٽرانڪ شهادتن کي غير معمولي اهميت حاصل آهي ۽ جيڪڏهن وڊيو يا ٻيون اليڪٽرانڪ شهادتون فرانزڪ طور تي مستند ثابت ٿي وڃن ته انهن جي بنياد تي سزا برقرار رکي سگهجي ٿي.لاهور هائيڪورٽ جي جسٽس محمد طارق نديم جوابدارن محمد اعظم ۽ اعظم نعيم جي اپيلن تي فيصلو جاري ڪيو، ڪيس موجب جوابدارن تي 2019ع ۾ گهريلو تڪرار دوران ٻن ڄڻن کي قتل ۽ هڪ عورت کي زخمي ڪرڻ جو الزام هو. ٽرائل ڪورٽ محمد اعظم کي ٻه ڀيرا عمر قيد جڏهن ته اعظم نعيم کي هڪ ڀيرا عمر قيد جي سزا ٻڌائي هئي. جسٽس محمد طارق نديم پنهنجي فيصلي ۾ قرار ڏنو ته قتل جي ڪيسن ۾ اليڪٽرانڪ شهادتن کي غير معمولي اهميت حاصل آهي ۽ جيڪڏهن وڊيو يا ٻيون اليڪٽرانڪ شهادتون فرانزڪ طور تي مستند ثابت ٿي وڃن ته انهن جي بنياد تي سزا برقرار رکي سگهجي ٿي. عدالت چيو ته فرانزڪ مان تصديق ٿيل وڊيو کي انساني گواهي تي فوقيت حاصل هوندي آهي، تنهن هوندي به زخمي گواهه جو بيان به وڊيو ۽ ميڊيڪل شهادتن سان مطابقت رکڻ ضروري آهي، صرف ڪنهن شخص جو زخمي ٿيڻ ان جي هر بيان کي درست ثابت نٿو ڪري، ۽ جيڪڏهن عيني شاهد جي گواهي ميڊيڪل شهادتن سان ٽڪراءُ ۾ هجي ته ان بنياد تي سزا برقرار نٿي رکي سگهجي.فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ويو ته غير تصديق ٿيل تصويرن کي بطور ثبوت قبول نٿو ڪري سگهجي، عدالت قرار ڏنو ته جنهن صورت ۾ وڊيو ۾ جوابدارن جي سڃاڻپ تسليم ٿيل هئي، ان ڪري فوٽو گراميٽرڪ ٽيسٽ ڪرائڻ ضروري نه هو، اهڙي طرح صرف هٿيارن جي برآمدگي ڪافي ناهي پر ان جي فرانزڪ تصديق به لازمي آهي. عدالت محمد اعظم خلاف قتل جو الزام ثابت قرار ڏيندي ان جي سزا برقرار رکي، جڏهن ته اعظم نعيم کي قتل جي الزام ۾ شڪ جو فائدو ڏيندي بري ڪري ڇڏيو.فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته فوجداري قانون جو بنيادي اصول آهي ته شڪ جو فائدو هر صورت ۾ جوابدار کي ڏنو وڃي، لاهور هائيڪورٽ ٽرائل ڪورٽ جي فيصلي ۾ جزوي ترميم ڪندي محمد اعظم جي اپيل جزوي طور رد جڏهن ته اعظم نعيم جي اپيل منظور ڪري ورتي.

پهنجو تبصرو موڪليو