ٻيهر ڳڻپ سان ڪافي شيون ظاهر ٿينديون،مفتاح اسماعيل

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ مفتاح اسماعيل چيو آهي ته تڪ اين اي 249 مان ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ سان ڪافي شيون ظاهر ٿي وينديون.نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي مفتاح اسماعيل چيو ته 34 اهڙيون پولنگ اسٽيشنون آهن جتان کان ريٽرننگ آفيسرن پنهنجو رزلٽ واٽس ايپ ناهي ڪيو.ساڳئي پروگرام ۾ پ پ اڳواڻ ۽ سنڌ جي وزير سعيد غني پنهنجو موقف پيش ڪندي چيو ته نتيجن دير ڇو ٿي اهو اليڪشن ڪميشن ٻڌائي. صوبائي وزير چيو ته اسان 10 ڏينهن اڳ محمد زبير کي ٻڌائي ڇڏيو هو ته اسان(ن) ليگ کي شڪست ڏئي چڪا آهيون. هاڻ اسان جو مقابلو ٽي ايل پي سان آهي.ٻيهر ڳڻپ واري سوال تي سعيد غني چيو ته مسلم ليگ(ن) ٻيهر ڳڻپ جي لاءِ اليڪشن ڪميشن ۾ درخواست ڏئي. هو پنهنجو قانوني حق استعمال ڪري سگهي ٿي. اسان پنهنجو قانوني حق استعمال ڪنداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو