تڪراري ٽوئيٽس، گرفتار سينيٽر جو ٻن ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور

اسلام آباد)بيورو رپورٽ) سوشل ميڊيا تي تڪراري بيان ڏيڻ تي ٻيهر گرفتار پي ٽي آءِ سينيٽر اعظم سواتي جو ٻن ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪيو ويو.ايف آءِ اي عملدارن پاران اعظم سواتي کي ايف 8 جي عدالت ۾ ڊيوٽي مئجسٽريٽ وقاص احمد راجا جي سامهون پيش ڪيو ويو، ڊيوٽي مئجسٽريٽ وقاص احمد راجا اعظم سواتي جي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي ۽ ايف آءِ اي کي ٻن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي ايف آءِ اي اختيارين حوالي ڪري ڇڏيو. اعظم سواتي جي پيشي تي اڳوڻو پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، بابر اعواڻ، شهزاد وسيم ۽ عمران اسماعيل به عدالت ۾ پيش ٿيا، بابر اعواڻ ۽ فيصل چوڌري اعظم سواتي جي وڪيل ڪئي.ٻڌڻي جي موقعي تي جاچ آفيسر چيو ته ڪجهه تڪراري ٽوئيٽس آهن جنهن سبب اعظم سواتي کي گرفتار ڪيو ويو، اعظم سواتي اعتراف ڪري رهيو آهي ته هن ٽوئيٽ ڪئي، ٽوئيٽر اڪائونٽ واپس وٺڻو آهي، موبائل فون ۽ سامان به گهرائڻو آهي. بحال ٿيو. اعظم سواتي جي وڪيل بابر اعواڻ چيو ته منهنجي موکل جي جان کي خطرو آهي، سندس طرفان عدالت ۾ حفاظتي بيان رڪارڊ ڪرايو ويندو.ايف آءِ اي جي جاچ آفيسر اعظم سواتي جي 8 ڏينهن جي جسماني رمانڊ جي درخواست ڪئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو