اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي (پيمرا) سوشل ميڊيا تي تڪراري بيان ڏيڻ تي گرفتار پي ٽي آءِ جي سينيٽر اعظم خان سواتي جي تقرير، پريس ڪانفرنس يا پروگرام نشر ڪرڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي.پيمرا طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اعظم سواتي 26 نومبر تي راولپنڊي ۾ ٿيل اجلاس ۾ ثبوتن کانسواءِ ادارن تي الزام هنيا.بيان ۾ چيو ويو آهي ته سينيٽر اعظم خان سواتي جي تقرير، پريس ڪانفرنس يا پروگرام نشر ڪرڻ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي. پيمرا جي پڌرائي موجب حڪمن جي ڀڃڪڙي تي شوڪاز نوٽيس کانسواءِ ٽي وي چينلز جا لائسنس معطل ڪيا ويندا.










