قاضي احمد (ن سنڌيار) سنڌو درياءُ جي ڪنڌي تي واقع سرڪاري ٻيلن لاکاٽ ۽ ترڇي جي سوين ايڪڙ ايراضي تي مبينا قبضو خالي ڪرائڻ لاءِ آپريشن جاري آهي. ٻيلي جي ٻني تي قبضو ڪرڻ جي الزام ھيٺ ٻيلي کاتي جي فاريسٽ گارڊ الهه وسايو جمالي جي فرياد تي ڪچي جي پوليس ٿاڻي کاھ تي 8 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪرايو ويو آهي. جن ۾ حاجي خان مهر، گاجي خان مهر، وزير راهو، سومر مهر، روزي رند،ولي محمد راهو، حاجي صالح شاھ، حسين کوسو سميت ٻين خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آھي. ڪيس ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آھي ته ڄاڻايل بااثر ڪچي جي زميندارن زبردستي سرڪاري زمين تي پوکيل وڻن جي وڍائي ڪرائي خالي ٿيل زمين تي مبينا قبضو ڪري فصل جي پوکائي ڪري ڇڏي آھي. عدالت جي حڪمن موجب ٻيلي جي زمين تي ٿيل قبضن جي خاتمي لاءِ ڪارروائي دوران ڪيس داخل ڪرايو ويو آھي. ياد رهي ته ٻيلي کاتي جو سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ آپريشن جاري آهي. نئين مقرر ٿيل چيف ڪنزرويٽر عبدالجبار قاضي چيو آهي ته ڪير ڪيترو به با اثر ڇو نه هجي ان خلاف ڪاروائي ٿيندي ۽ ٻيلي جي سموري زمين خالي ڪرائينداسين.










