ٻيلي کاتي جو غيرقانوني وڪرو ڪيل ڪاٺ ضبط، ملزم گرفتار

سڪرنڊ (راج ڪماراوڏ) ڪچي جي علائقي جي ٻيلي مان سرڪاري ڪاٺ وڍي چوري کڻي ويندڙ واپاري محمد الياس ڀٽي کي سڪرنڊ پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي، ملزم پوليس ۽ ميڊيا کي ٻڌايو ته ٻيلي کاتي جا ملازم شعبان جلباڻي ۽ دين محمد بليدي مون کان 35 ھزار رپيا وٺي سرڪاري ڪاٺ ڏنو جيڪو مان کڻي وڃي رهيو هئس ته سڪرنڊ جي سوشل ورڪرن کين روڪي کائنس پڇا ڪئي. ملزم اهو به بيان ۾ چيو ته َمونکي ٻيلي کاتي جي آفيسرن چيو ته جيڪڏھن گس تي ڪير به پڇا ڪري ته ان کي چئجان ته ڪاٺ ايم اين اي سائين مير شاھ جو آھي پوليس مطابق اڃان وڌيڪ جانچ ڪري رهيا آهيون ايس ايڇ او امام الدين مارفاڻي ٻڌايو ته سرڪاري ڪاٺ نوابشاھ ۾ پيل آھي جيڪو اسان پنھنجي تحويل ۾ وٺنداسون ۽ سرڪاري ڪاٺ چوري ڪندڙن کي ڪڏھن به ڪون بخشبو انھن خلاف قانون موجب سخت ڪاروائي ڪئي ويندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو