ٺڪراٺو( ن سنڌيار) سلطانپور سميت مختلف يوسين ۾ برسات متاثرن لاء آيل فنڊ , راشن توڙي ٻيو سامان مستحقن کي نه ملڻ ۽ يوسي سلطانپور جي بلدياتي اليڪشن کٽيندڙ اميدوارن ۽ سندس ووٽرن کي نظرانداز ڪرڻ خلاف جي يو آء ۽ متاثرن جو احتجاجي مظاھرو ڪري شھر ۾ ريلي ڪڍي وئي رپورٽ موجب برسات متاثرن غريب ماروئڙن جي حقن لاء جي يو آئي پاران احتجاجي مظاهروڪري سخت نعري بازي ڪئي وئي سنڌ حڪومت طرفان سلطانپور سميت مختلف يوسين ۾ برسات متاثرن آيل فنڊون راشن وغيره ۾ جي يو آئي جي کٽيل اميدوارن کي نظرانداز ڪرڻ خلاف جي يو آئي جي اميدوارن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو احتجاج ۾ شريڪ ٻوڏ متاثرين توڙي جي يو آئي جي اميدوارن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سلطانپور سميت مختلف يوسين ۾ غريب ٻوڏ متاثرن لاءِ آيل فنڊون غريبن تائين ناهن پهچايون ويون پيپلزپارٽي جي موجود اميدوارن پنهنجن پنهنجن ڳوٺن ۾ مڇر ڌاڻيون، خيمان توڙي تڙپالون ۽ راشن ورهائي غريب مستحقن کي نظر ڪيو ويو آهي وڌيڪ سندن جو چوڻ هو ته پيپلزپارٽي جي اميدوارن طرفان جي يو آئي جي کٽيل اميدوارن کي به نظرانداز ڪيو ويو آهي احتجاج ۾ موجود ٻوڏ متاثرن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته غريبن لاءِ آيل امداد غريب مستحقن تائين بنا ڪنهن فرق جي پهچائي وڃي










