ٻوڏ متاثرن لاءِ فرانس جي امداد جي ڊبليو ايف پي پاران ڀليڪار

ٻوڏ متاثرن لاءِ فرانس جي امداد جي ڊبليو ايف پي پاران ڀليڪار

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) گڏيل قومن جي ورلڊ فود پروگرام (ڊبليو ايف پي) پاران پاڪستان جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ موتمار صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ فرانسيسي حڪومت پاران 35 لک يورو جي امداد ڏيڻ جي ڀليڪار ڪئي وئي آهي. جاري ڪيل بيان م بڌايو ويو آهي ته جيتوڻيڪ گذريل سال آيل ٻوڏ وارو پاڻي نڪري ويو آهي پر متاثرين بيحد پريشان آهن، صاف خوراڪ ۽ پاڻي جي کوٽ آهي، جنهن سبب پنج سالن تائين جي عمر جا ٻار خوفناڪ ۽ موتمار صورتحال کي منهن ڏئي رهيا آهن. کير پياڪ ٻار ۽ انهن جون مائرون تمام گهڻين مشڪالتن جو شڪار آهن ۽ سندن حياتين کي خطرو آهي. پاڪستان ۾ فرانس جي سفير نڪولس گيلي چيو آهي ته ”فرانسيسي حڪومت جي WFP جي حمايت پاڪستان ۽ خاص ڪري سنڌ ۽ بلوچستان جي متاثره عوام جي مدد لاءِ هڪ ٻيو اهم قدم آهي. ڇو ته 2022 جي ٻوڏ کان ٻئي صوبا بيحد متاثر ٿيا هئا”. هن وڌيڪ چيو ته “هي بروقت تعاون فوڊ سيڪيورٽي کي بهتر بڻائڻ ۽ مضبوط ڪرڻ لاءِ جاري ڪوششن ۾ ڪافي مددگار ثابت ٿيندو”. سنڌ، خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان جي 15 ٻوڏ متاثر ضلعن جي ريپڊ سروي موجب، 6 کان 23 مهينن جي عمر وارن ٻارن مان هر ٽيون ٻار وچولي ۽ شديد غذائيت جي کوٽ جو شڪار آهن، جڏهن ته 14 سيڪڙو سخت غذائي کوٽ کان متاثر آهن. EUR 3.5ورلڊ فوڊ پروگرام پاران بيان م چيو ويو آهي ته 35 لک يورو جي فرانس پاران ڏنل هي امداد ايمرجنسي واري صورتحال ۾ پاڪستان جي عوام جي مدد جي عزم کي ظاهري ڪري ٿو. ياد رهي ته گذريل سال ٻوڏ وقت فرانس 10 لک يورو جي امداد به ڏني هئي. جڏهن ته فرانس ڊبليو ايف پي کي ايمرجنسي امداد طور 20 لک يورو به ڏنا هئا ۽ مجموعي طور هنن ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ 65 لک يورو جي امداد ڏني. جيڪا هزارين ٻوڏ متاثرن لاءِ لائف لائين ثابت ٿي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو