ٻوڏ متاثرن لاءِ سنڌ ۾ ” ٽنيٽ سٽي “ جوڙڻ جو فيصلو

ٻوڏ متاثرن لاءِ سنڌ ۾ ” ٽنيٽ سٽي “ جوڙڻ جو فيصلو

ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر) وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ٻوڏ متاثرن روڊن تي رهڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، اسان ٽينٽ سٽي به جوڙينداسين ۽ ڪجهه ڳوٺن ۾ پڻ ورهائينداسين. وڏي وزير جي صدارت هيٺ برساتن ۽ ٻوڏ جي صورتحال کي ڌيان ۾ رکندي ايمرجنسي ۽ رليف بابت اجلاس ٿي گذريو. اجلاس دوران ٻوڏ ۽ برساتن سبب ٿيندڙ نقصان جو سروي، امدادي ڪمن ۽ متاثرن جي بحالي تي غور ڪيو ويو.ان موقعي تي وڏي وزي سيد مراد علي شاهه چيو ته صوبي ۾ مختلف ضلعن جو دورو ڪيو، ڪچا گهر تباهه ٿي ويا آهن، فصل تباهه ٿي ويا آهن، روڊ، رستا، سرڪاري عمارتن کي سخت نقصان رسيو آهي.هن لاڳاپيل عملدارن کي هدايتون جاري ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت، انجينئرنگ ڪور ۽ ڪور فائيو جا لاڳاپيل نمائندا نقصان جو سروي ڪن، نقصانن جو ڪاٿو يونين ڪائونسل ذريعي لڳايو وڃي، يوسي ليول تي نقصانن جو سروي ٿيندو ڊي سي وٽ ان جو رڪارڊ ٺهندو.وڏي وزير هدايت ڪئي ته متاثرن کي ضروري سامان ڏنو وڃي، پي ڊي ايم اي 1 لک 86 هزار خيمن جو آرڊر ڏنو آهي، ڪور فائيو اسان کي خيمن جي خريداري ۾ مدد ڪري، فنڊز اسان ڏينداسين.سندس چوڻ هو ته پاڻي جي نيڪال لاءِ ضروري مشينري جو ضلعي سطح تي بندوبست ڪيو پيو وڃي.اجلاس دوران فيصلو ڪيو ويو ته ڪور فائيو شين جي ورهاست ۾ سنڌ حڪومت جي مدد ڪري.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو