اسلام آباد (بيورو) وفاقي سرڪار ٻوڏ متاثرن جي امدادي شين تي ٽيڪس ۽ ڊيوٽي نه لڳائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) موجب ضروري شين جي درآمد تي سموري ٽيڪس ۽ ڊيوٽي جي ڇوٽ هوندي ۽ سموريون شيون اين ڊي ايم اي جي تصديق تي ٽيڪس ۽ ڊيوٽي کان آجون هونديون.ايف بي آر ٻڌايو ته ٻاهرين ملڪن مان ملندڙ سامان تي به ڪسٽم ڊيوٽي ۽ ٽيڪس لاڳو نه ٿيندي.ايف بي آر موجب ٻوڏ متاثرن لاءِ بنيادي شين جي فراهمي يقيني بڻائڻ لاءِ قدم کنيا ويا.










