چارسدهه (ويب ڊيسڪ)وزيراعظم شهباز شريف ٻوڏ متاثرن سان ملاقات ڪئي ۽ امدادي ڪيمپ ۾ قائم طبي ڪيمپ جو دورو پڻ ڪيو.هن چارسده، نوشهره، سوات، دير ۽ مردان پل جي ٻوڏ متاثر علائقن جي صورتحال ۽ ريسڪيو ۽ رليف آپريشنز جو جائزو ورتو.وزيراعظم کي مردان پل تي ڪابل درياهه ۾ ٻوڏ جي صورتحال ۽ ريسڪيو آپريشن بابت بريفنگ ڏني وئي.وزيراعظم هدايتون جاري ڪندي چيو ته ٻوڏ متاثر علائقن جي رهواسين کي محفوظ هنڌن تي پهچايو وڃي ۽ فوري ريسڪيو لاءِ سمورا وسيلا استعمال ڪيا وڃن.وزيراعظم گورنمينٽ ڪامرس ڪاليج نوشهره ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ قائم ڪيل امدادي ڪيمپ جو به دورو ڪيو.هن چيو ته چارسده، نوشهره، سوات، دير ۾ برساتن ۽ ٻوڏ سبب جاني نقصان ٿيو آهي، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون گڏجي متاثرن جي مدد ڪري رهيون آهن.شهباز شريف چيو ته 30 سالن ۾ هن سال ايتري برسات ناهي آئي، برساتن سبب لکين گهر ۽ بيٺل فصل تباهه ٿي ويا آهن، برساتن ۽ ٻوڏ سبب 33 لک ماڻهو متاثر ٿيا آهن. متاثرن جي امداد لاءِ کنيل فيصلن جي حوالي سان هن چيو ته 28 ارب رپين جي رقم مان 25 هزار رپيا متاثرن ۾ ورهايا ويندا، جڏهن ته ٻوڏ سبب فوت ٿيندڙن جي وارثن کي هڪ ڪروڙ رپيا ڏنا ويا آهن. هن چيو ته هي سياست جو موقعو ناهي، هي وقت ڏکايل انسانيت جو هٿ کڻڻ جو آهي، مخير حضرات اڳتي وڌي ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪن.وزيراعظم شهباز شريف ان عزم جو اظهار ڪيو آهي ته هو ٻوڏ متاثرن جي آخري گهر تائين چين سان نه ويهندا.










