ٻوڏ صورتحال، ڊبليو ايڇ او  عهديدار جو وفاقي وزير سان رابطو

ٻوڏ صورتحال، ڊبليو ايڇ او عهديدار جو وفاقي وزير سان رابطو

اسلام آ باد( بيورو)ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن (ڊبليو ايڇ او) جي ريجنل ڊائريڪٽر صحت واري وفاقي وزير عبدالقادر پٽيل سان فون تي رابطو ڪيو ۽ پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب ٿيل جاني ۽ مالي نقصان تي گهري افسوس جو اظهار ڪيو.ڊبليو ايڇ او جي ريجنل ڊائريڪٽر احمد المنڌاري چيو آهي ته ٻوڏ متاثرن جي ڀرپور مدد جاري رهندي.ان موقعي تي صحت واري صوبائي وزير عبدالقادر پٽيل ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪرڻ تي صحت جي عالمي اداري جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته ٻوڏ سنڌ، بلوچستان، خيبرپختونخواهه ۾ وڏي تباهي مچائي آهي.عبدالقادر پٽيل چيو ته ٻوڏ سبب صحت جي نظام کي سخت ڌڪ رسيو آهي، حڪومت اڪيلي سر ٻوڏ جي تباهي کي منهن نٿي ڏئي سگهي.هن چيو ته ٻوڏ سبب بنيادي مرڪزن ۽ علائقائي صحت مرڪزن کي به سخت نقصان پهتو آهي، هن وقت اسان جو ڌيان بچاءُ ۽ امدادي ڪمن تي آهي.صحت واري وزير عبدالقادر پٽيل وڌيڪ چيو ته وبائي مرضن کي منهن ڏيڻ لاءِ موثر قدم کنيا پيا وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو