اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) برطانيا ٻوڏ جي نقصانن کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان لاءِ لکين پائونڊ امداد جو اعلان ڪري ڇڏيو.برطانوي هاءِ ڪميشن طرفان جاري ڪيل بيان موجب برطانيا ٻوڏ متاثرن لاءِ پاڪستان کي 15 لک پائونڊ فراهم ڪندو.برطانوي هاءِ ڪميشن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ ٻوڏ سان هيل تائين 900 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن ۽ لکين ماڻهو متاثر ٿيا آهن، جڏهن ته برساتن ۽ ٻوڏ سان 7 لک کان وڌيڪ گهر تباهه ٿيا آهن.برطانوي هاءِ ڪميشن موجب پاڪستان ۾ ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهين جو گڏيل قومون به جائزو وٺي رهيون آهن ۽ امدادي فنڊ لاءِ گڏيل قومن طرفان اڱاري تي اپيل جاري ٿيڻ جي اميد آهي.










