ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) تحريڪ انصاف اڳواڻ علي زيدي چيو آهي ته ٻوڏ دوران ڪراچي ۾ ميچون ٿي سگهن ٿيون ته چونڊون ڇو نه؟ ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي علي زيدي چيو ته بلاول اڄ چونڊن بابت چيو ته اسان نٿا ڪرائي سگهون، اهي چونڊن کان ڀڄي رهيا آهن.هن چيو ته شهر ۾ ڏوهه وڌي ويا آهن، اهي 15 سالن کان حڪومت ۾ آهن، پاڪستان ۾ انگلينڊ جي ٽيم لاءِ پوليس هئي پر چونڊن لاءِ نه هئي.سندس چوڻ هو ته اهي شڪست کان ڊڄي رهيا آهن، عوام کان ڀڄن ٿا، ٺپي ۽ دوکي سان لاڙڪاڻي جي چونڊ کٽي وئي هئي. علي زيدي وڌيڪ چيو ته ايندڙ حڪومت لاءِ شرط لڳائي سگهان ٿو ته پ پ جي نه هوندي.










