ٻوڏ جيان عمران خان به ملڪ لاءِ ناسور بڻيل آهي: شرجيل ميمڻ

ٻوڏ جيان عمران خان به ملڪ لاءِ ناسور بڻيل آهي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر) سڌ سماءُ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته عمران خان واحد شخص آهي جيڪو لاڏلو آهي، اڄ تائين ڪنهن سياستدان کي ايڏو وڏو رليف ناهي مليو. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته عمران خان ادارن خلاف جنگ ڇيڙي ڇڏي آهي، جعلي اڪائونٽ ٺاهي ادارن خلاف ٽرينڊ هلرائي رهيو آهي. هن چيو ته عمران خان چاهي پيو ته سندس مرضي سان ئي مقرريون ٿين، فوج جي سپهه سالار سميت سڀ مقرريون هو پاڻ ڪرڻ گهري ٿو، هو ڪير ٿيندو آهي جو اهم مقررين جا فيصلا ڪندو ؟شرجيل ميمڻ وڌيڪ چيو ته هن وقت ملڪ ۾ ٻوڏ وانگر عمران خان به ناسور بڻيل آهي، ٻوڏ جي صورتحال مان نڪرڻ بعد ان جو مقابلو ڪنداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو