ٻوڏ جي پاڻي کي رڳو امداد وٺڻ جي ڪري نه پيو ڪڍيو وڃي: علي زيدي

ٻوڏ جي پاڻي کي رڳو امداد وٺڻ جي ڪري نه پيو ڪڍيو وڃي: علي زيدي

ڪراچي (رپورٽر) پي ٽي آئي سنڌ جي صدر علي حيدر زيدي چيو آهي ته منهن ۽ ٻوڏ جو پاڻي صرف انهيءَ ڪري نيڪال نٿو وڃي وڃي ته جيئن وڌيڪ امداد گهري ۽ وٺي سگهجي صحافين سان ڳالهائيندي اڳوڻي وفاقي وزير علي زيدي چيو ته هڪ شخص پاڪستان کي معاشي طور تباهه ڪيو اهو شخص ڪوڙ ڳالهائي وزيراعظم جي جهاز ۾ لنڊن ڀڄي ويو. هن چيو ته مفتاح اسماعيل ته ننڍو مني لانڊر آهي هي وڏا مني لاندر آهن اسحاق ڊار نوازشريف جي مني لانڊرنگ تي واعده معاف گواه بڻيو هو علي زيدي چيو ته سنڌ سميت ڪراچي جي بلدياتي اليڪشن جي تاريخ ٻيهر وڌائي وئي سنڌ حڪومت پنهنجو ٽيڪس لڳائي وٺي ٿي هر شئي تي ٽيڪس آهي هي هاڻي ڳالهائڻ ۽ ساهه کڻڻ تي به ٽيڪس هڻي ڇڏيندا هن چيو ته ڪراچي جو هڪ به روڊ رستو ٺيڪ نه آهي، گند ڪچرو نٿو کنيو وڃي بجلي اچي نٿي ٽيڪس وٺو پر هي انسان جي زندگي ته رهڻ جي قابل ڪري ڇڏيو هن چيو ته ڪراچي مان پاڪستان جو 50 سيڪڙو کان وڌيڪ روينيو گڏ ٿئي ٿا مرتضيٰ وهاب واڳون وارا ڳوڙها ڳاڙي رهيو آهي اڳوڻي وفاقي وزير چيو ته پيپلزپارٽي جي سنڌ ۾ 15 سالن کان حڪومت آهي ڪجهه ڏينهن ۾ پيپلزپارٽي جي حڪومت ناهي آئي سالن کان آهي علي زيدي چيو ته ڪراچي کي تباهه ڪيو ويو پاڻي ڄاڻي واڻي نيڪال نه پيو ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو