ٻوليون پيون لڳن، 3 ميمبرن کي آڇ، شرمناڪ آهي، فواد

ٻوليون پيون لڳن، 3 ميمبرن کي آڇ، شرمناڪ آهي، فواد

اسلام آباد(بيورو رپورت)سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري دعويٰ ڪئي آهي ته مخالف ڌر سياسي چالبازي لاءِ سندس پارٽي جي ٽن ميمبرن کي رقم جي آڇ ڪئي آهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته ڪالهه توهان ڏٺو ته لاهور ۾ ٻن وڏن واپارين جي ملاقات ٿي، انهن مان هڪ لاهور ۽ ٻيو ڪراچي ۾ ڪرپشن ڪيسن کي منهن ڏئي رهيو آهي. هن چيو ته ڪالهه ٻنهي واپارين جي ملاقات سياسي چالبازين تي پئسا خرچ ڪرڻ ۽ هارس ٽريڊنگ ۾ حصو وٺڻ جي مقصد سان ٿي. هن چيو ته ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ملاقات ان ڳالهه تي هئي ته ملڪ ۾ موجوده سياسي نظام کي ڊاهڻ لاءِ ڪير ڪيترو پيسا لڳائيندو. فواد چوڌري چيو ته ٻوليون لڳڻ شروع ٿي ويون آهن، اسان جي 3 ميمبرن کي رقم جي آڇ ڪئي وئي آهي، انهن 3 ميمبرن ۾ هڪ عورت ۽ هڪ اقليتي اڳواڻ به شامل آهي. هن چيو ته مان سمجهان ٿو ته اها وڏي شرم جي ڳالهه آهي، جيڪڏهن توهان اسان جي ميمبرن کي ڏنل آڇ کي ڏسندا ته اهو واضح ٿئي ٿو ته سياست پئسي جي خرچ تي ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته شهباز شريف رڳو جيل کان ٻاهر آهي ڇو ته روزاني ٻڌڻي نه ٿيندي آهي، ٻنهي عدالت ۾ لکيو آهي ته اسان بيمار آهيون جڏهن ته هو سياسي چالبازين ۾ مصروف آهن. سڌ سماءَ واري وزير چيو ته اميد آهي ته شهباز شريف جو ڪيس هاڻي روزاني جي بنياد تي هلندو ۽ شهباز شريف جلد جيل ۾ هوندو. هن چيو ته اهي ٻئي پارٽيون هڪ ڀيرو ٻيهر ملڪ ۾ هارس ٽريڊنگ جو ڪلچر ڦهلائڻ چاهين ٿيون پر ائين ٿيڻ نه ڏينداسين، اسان صورتحال تي سخت نظر رکي رهيا آهيون. مسلم ليگ ن جي ترجمان مريم اورنگزيب جي پشاور جي هڪ شخص بابت ڏنل بيان تي ردعمل ڏيندي فواد چوڌري چيو ته مريم نواز نروس آهي، مريم اورنگزيب جو اهو بيان نواز شريف ۽ شهباز شريف جي منظوري سان آيو آهي. هن چيو ته هي پهريون ڀيرو ناهي جو ن ليگ فوج کي ورهائڻ جي ڪوشش ڪئي هجي، جڏهن به جنرل آصف نواز جي وقت به نواز شريف فوج کي ورهائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، پرويز مشرف سميت هر دور ۾ مسلم ليگ ن فوج کي ورهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو