ڪراچي ( ن سنڌيار) ڪياماڙي ضلعي جي ڊپٽي ڪمشنر مختيار علي اڀڙو چيو آھي ته ٻه سال پوليو فري رھڻ بعد پاڪستان ۾ پوليو جا ,14 ڪيس ظاھر ٿيا آھن جنھن بعد 15 آگسٽ کان پوليو مھم جي شروعات ڪئي وئي آھي ڊپٽي ڪمشنر مختيار علي ابڙو ۔ڊي ايڇ او ڊاڪٽر ععتيق الرحمان سان گڏ پاڪ ڪالوني ۽ ٻين علائقن جو دورو ڪيو ۽ ھاء رسڪ موبائيل پاپوليشن وارن ٻارن کي پوليو جا قطره پياريا ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالھائيندي مختيار علي ابڙو چيو ته ڪي جي شھر وزيرستان ۾ پوليو جا 14 ڪيس ظاھر ٿيا آھن ھن چيو ته پوليو مھم ۾ ھو پاڻ ڊور ٽو ڊور نڪتا آھن ته جيئن ڪوبه ٻار پوليو جا قطره پيئڻ کان رھي نه سگھي ڊي ايڇ او ڪياماڙي ڊاڪٽر عتيق الرحمان ميڊيا سان ڳالھائيندي پوليو مھم جو آغاز ٿي چڪو آھي ضلعي ڪياماڙي ۾ پوليو جون ٽيمون مختلف علائقن ۾ ڪم ڪري رھيون آھن ھن چيو ته پوليو مھم دوران ڪابه ڪوتاھي برداشت نه ڪئي ويندي










