مبارڪپور ( ن سنڌيار) مبارڪپور ڀرسان نوجوان گم وارثن پاران اغوا جو شڪ ظاهر ڪيو آهي اسان جو ڀاء ڪلھ رات کان لاپته آھي ۽ نمبر به بند آھن ، جنھن سبب گھر ۾ ڪھرام متل آھي ، وارث مبارڪپو ٿاڻي جي حد ڳوٺ عارف آباد کوسو واسي39 سالن جو نوجوان سارين جو واپاري محمد نواز عرف ( منو) مستوئي گھر کان ٻاھر ويندي واپس نه ٿي سگھيو آھي ۽ لاپتا ٿي ويو آھي جنھن سبب گھر ۾ ڪھرام متل آھي ، وارثن ميڊيا سان ڳالھائيندي ٻڌايو ته اسان جو ڀاء رات جي وقت گھر ٻاھرا پھرو ڏيڻ لاء گھر کان ٻاھر ويو جيڪو ھن وقت تائين نه موٽي آيو آھي ، اسان جي ڀاء کي اغوا ڪيو ويو آھي ، ھوڏانھن مبارڪپور پوليس پيراڊو جي مدد سان مبينا مغوي نوجوان جا پيرا کنيا جيڪي گھر ٻاھران وھندڙ واٽر تي گم ٿي ويا ، ھوڏانھن ايس ايڇ او مبارڪپور انيس احمد شيخ رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته وقت کان پھريان ڪجھ به نه ٿو چئي سگھجي ته نوجوان کي اغوا ڪيو ويو آھي يا ڪو ٻيو مسئلو آھي وڌيڪ جاچ ڪري رھيا آھيون ، ٻئي طرف علائقي ۾ اھي به چوٻول آھن ته نوجوان جي اغوا وارو معاملو ڪوڙو ۽ ڊرامو آھي










